جوزف سلاڊن

جوزف سلاڊن: جوزف سلاڊن انگريزن جي قبضي وقت سنڌ ۾ هڪ اعليٰ انتظامي عملدار ٿي رهيو آهي. بي. اي جي تعليم انڊين ”سي ايس، بليل ڪاليج آڪسفورڊ“ مان حاصل ڪئي، ان بعد 1885ع جي ڪميشن ۾ شامل ٿيو ۽ امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ سندس خدمتون بمبئي سرڪار جي حوالي ڪيون ويون. 1888ع ۾ سنڌ آيو. اسسٽنٽ ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ جي حيثيت ۾ ڪيريئر جو آغاز ڪيائين ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي رهيو. اعليٰ ذهانت سبب هن ترت ئي سنڌي ٻولي سکي ورتي ۽ سرڪار جو سنڌي ترجمي نگار مقرر ٿيو . سينيئر ڪليڪٽر جي حيثيت ۾ هن سنڌ جي ٻن ضلعن ۾ نوڪري ڪئي. پهريون ڀيرو 1907ع ۾ مختصر عرصي لاءِ ڪراچي ۽ ٻيو ڀيرو 1917ع کان 1918ع تائين کيس نواب شاهه جو ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. هن جو شمار انهن چند انگريز ڪامورن ۾ ٿئي ٿو، جن جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ سندن عهدي ۾ واڌارو ڪيو ويو ۽ کانئن انتظامي معاملن ۾ ڪم ورتو ويو .


لفظ جوزف سلاڊنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو